پریالو:(ڇنڇر 12 جولاءِ 2025ع)پريالوءِ ڀرسان ڪوٽ مير محمد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، تفصيل موجب فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڪوٽ مير محمد شهر جي ٻاهران نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري 20 سالا نوجوان ساجد شر کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، پوليس ۽ وارثن پهچي نوجوان جي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪوٽ مير محمد جي مقامي اسپتال پهچايو، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، فيض محمد ٻنڊو پوليس مقتول نوجوان جو لاش کڻائي تعلقه اسپتال پيرجوڳوٺ آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته ساجد علي شر گهر اڳيان بيٺو هو ته پري کان ڪنھن کيس گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو، آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language