
ڪراچي:(ڇنڇر 12 جولاءِ 2025ع)سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه چيو آهي ته وفاقي پاليسيون توانائي شعبي جي واڌاري ۾رنڊڪ آهن، ڪالهه انرجي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ قدرتي وسيلن جهڙوڪ ڪوئلو، گيس، ونڊ ۽ سولر انرجي ڪري پاڪستان جي “انرجي باسڪٽ” طور وڏي اهميت رکي ٿو پر بدقسمتي سان وفاقي پاليسين ڪري توانائي شعبي ۾ ترقي کي سخت چيلنجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هن چيو ته ٿر جو ڪوئلو انرجي جو دنيا ۾ سستو ترين ذريعو آهي، گذريل ڇهن سالن ۾ آءِ آءِ پيز کي 30 ملين ٽن ڪوئلو مهيا ڪيو ويو آهي، انهي ڪوئلي مان 31 گيگا واٽ بجلي پيدا ڪئي وئي آهي جيڪا 30 لک گهرن کي روشن پئي ڪري هن چيو ته ٿر جي ڪوئلي کي عالمي منڊين تائين پهچائڻ لاءِ 105 ڪلوميٽر ڊگهي ريلوي لائين تعمير ڪئي پئي وڃي، جيڪا گيم چينجر ثابت ٿيندي. هن وفاق جي مخالفتن جو ذڪر ڪندي چيو ته 1996ع ۾ حڪومت جي تبديلي کانپوءِ سيڙپڪارن جي بيزاري ۽ سولر پراجيڪٽس جي مخالفت سبب سنڌ کي ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. هن و چيو ته سنڌ وٽ گيس ۽ ڪوئلي جا وڏا ذخيرا موجود آهن، ٿر جو ڪوئلو ايندڙ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ملڪي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته سنڌ رينيوبل انرجي ( متبادل تونائي) ۾ به اڳڀري آهي، هتي ونڊ ۽ سولر جي ڪيترا منصوبا هلندڙ آهن، هن ٻڌايو ته سنڌ ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (ايس ٽي ڊي سي) ۽ سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (سيپرا) جو قيام توانائي جي منتقلي ۽ ريگيوليٽري خودمختياري لاءِ اهم قدم آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت پبلڪ ۽ پرائيويٽ شعبي سان گڏجي پائيدار پاليسيون ترتيب ڏئي رهي آهي، ته جيئن سنڌ جي هر گهر تائين سستي ۽ قابل اعتماد بجلي پهچائي سگهجي. هن نوري آباد پاور پلانٽ جي ڪاميابي تي روشني وجهندي چيو ته ڪراچي کي 100 ميگا واٽ سستي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي، اسان ماضي ۾ حيسڪو کي 100 ميگا واٽ بجلي جي آڇ ڪئي ته انهن انڪار ڪندي چيو ته وٽن سرپلس ( واڌو ) بجلي آهي، جنهن کانپوءِ سنڌ پنهنجي ٽرانسميشن ڪمپني قائم ڪئي. وڏي وزير ونڊ ۽ سولر انرجي جي شعبي ۾ صوبائي اڳواڻي جو ذڪر ڪندي چيو ته ٿر ڪول ۽ ونڊ پروجيڪٽس مان حاصل ٿيندڙ بجلي نيشنل گرڊ ذريعي پنجاب تائين پهچائي پئي وڃي. هيل صوبائي بجيٽ ۾ سولر انرجي لاءِ 2.5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايت تي سنڌ سرڪار ٿر جي مستحق ماڻهن جا 200 يونٽن تائين بجلي جا بل ادا ڪري رهي آهي. هن وفاق کان مطالبو ڪيو ته ترقي جي هن سفر ۾ سنڌ سان ڀرپور سهڪار ڪري، توانائي واري وزير سيد ناصر شاهه خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ماحول دوست، سستي ۽ موثر توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن ٻڌايو ته ڪراچي لاءِ 2 حيدرآباد لاءِ مانجهند ۾ ۽ سکر يا لاڙڪاڻو لاءِ سولر پارڪ جوڙيا پيا وڃن. وڏين صنعتن کي مرحليوار گرين انرجي تي منتقل ڪيو پيو وڃي، غريب ماڻهن کي مفت سولر سسٽم فراهم ڪيا پيا وڃن. سيد مراد علي شاهه وفاق کان مطالبو ڪيو ته هو ترقي جي هن سفر ۾ سنڌ سان ڀرپور سهڪار ڪري ته جيئن پاڪستان جي توانائي جون ضرورتون بهتر طريقي سان پوريون ڪري سگهجن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language