سنگرار:(اڱارو 08 جولاءِ 2025ع)سنگرار مان چار سال اڳ سبيل هلائيندي اغوا ٿي ويل پريا ڪماري جي والد عاشور واري ڏينهن پنهنجي خاندان جي ٻين فردن سان گڏ سبيل ۽ نياز وارو عمل جاري رکيو، پريا ڪماري جي اغوا کي چار سال مڪمل ٿي ويا آهن پر سنڌ حڪومت ، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا نياڻي کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام آهن، سنگرار ۾ پريا ڪماريءَ جي اغوا واري هنڌ هر سال متاثر خاندان پاران سبيل لڳائڻ وارو سلسلو هوندو آهي، پريا ڪماري جي والد راجڪمار ۽ ٻين خاندان جي ڀاتين پاران 9 کان 10 محرم تائين سنگرار ۾ گھر ٻاهران سبيل لڳائي وئي، عاشور واري ڏينهن سنگرار ۾ نڪرندڙ ماتمي جلوس جي عزادرن کي ڄاڻايل متاثر فيملي پاران امام حسين ۽ سندس جانثار ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ ٿڌي ۽ مٺي سبيل پياري وئي، پريا ڪماري جي والد راجڪمار جو چوڻ آهي ته منهنجي نياڻي پريا ڪماري کي چار سال اڳ ساڳي هنڌ سبيل هلائڻ دوران اغوا ڪيو ويو ھو، نياڻي جي بازيابي لاءِ سياستدانن، پوليس آفيسرن ۽ حڪومتي نمائندن وٽ دانهيو آهي پر آسرا ئي مليا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language