welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ميرپورخاص ۾ اسپتال سميت 7 عمارتون خطرناڪ قرار: خالي نه ٿيون

ميرپورخاص:(اڱارو 08 جولاءِ 2025ع)سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران سال 2012ع کان شهر جي 7 عمارتن کي خطرناڪ قرار ڏيندي 6 عمارتن ۾ فوري مرمت جو ڪم ڪرڻ ۽ هڪ عمارت کي ڊاهي پٽ ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪيو، پر 8 سال گذرڻ باوجود عمارتون خالي نه ٿي سگھيون آهن، جڏهن ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران 2012ع کان هر سال نوٽيس جاري ٿيڻ باوجود زبون حال عمارتن ۾ شھري رهائش پذير آھن، ضلعي انتظاميه پاران خطرناڪ قرار ڏنل عمارتن کي خالي ڪرائڻ لاءِ ڪوبه تحرڪ ناهي ورتو، ان ڏس ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر چيتن مل ٻڌايو ته سال 2012ع کان هن وقت تائين اسان شهر جي 7 عمارتن کي زبون حال هجڻ ڪري شھرين لاءِ خطرناڪ قرار ڏيئي بار بار نوٽيس ڏنا آھن پر اتان جا رهائشي ڪنھن به قسم جو تعاون نٿا ڪن،جڏھن ته ضلعي انتظاميه توڙي حيسڪو ۽ سئي گيس کاتي کي به ليٽر جاري ڪيا آھن هن ٻڌايو ته زبون حال عمارتن ۾ عثمانيه هوٽل، غريب آباد ۾ هڪ رھائشي گھر، اسٽيشن روڊ کري ڪوارٽر تي قائم هڪ رهائشي بنگلو، ٽي بي اسپتال، نائي پاڙي ۾ هڪ گھر سميت ٻيون عمارتون شامل آھن، جڏهن ته 7 مان 6 عمارتن کي فوري طور مرمت جي ضرورت آھي ۽ هڪ عمارت کي ڊاهي پٽ ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪيل آھي پر عمارتن ۾ رهندڙ شھرين انھن نوٽيسن کي نظر انداز ڪندي هن وقت تائين عمارتن ۾ رهائش پذير آھن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے