welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ ئي خطي ۾ امن جو واحد رستو آهي: ميڪرون

لنڊن:(اڱارو 08 جولاءِ 2025ع)فرانسيسي صدر ميڪرون چيو آهي ته فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ خطي ۾ امن جو رستو آهي. برطانوي پارليامينٽ کي خطاب ڪندي فرانسيسي صدر ميڪرون چيو ته غزه ۾ جنگ سڄي خطي لاءِ خطرو آهي. ميڪرون چيو ته فرانس ۽ برطانيه کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، يورپي ملڪ ڪڏهن به يوڪرين کي اڪيلو نه ڇڏيندا. فرانسيسي صدر ميڪرون وڌيڪ چيو ته برطانيه ۽ فرانس يوڪرين ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ آخري گھڙي تائين وڙهندا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے