welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي ڏينهن، 100 انڊيڪس نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو

کراچی:(خمیس 15 مئي 2025ع)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس اڄ تاريخ جي بلند ترين سطح تي بند ٿيو. بجيٽ ۾ تعميراتي شعبي تي ڌيان ڏيڻ جي اميدن تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات هاڪاري رجحان سان ٿي ۽ اهو رجحان ڪاروبار جي پڄاڻي کان اڳ اسٽاڪ ايڪسچينج تي نئون ٽيڪس نه لڳائڻ جي اطلاع تي تيز ٿي ويو. 100 انڊيڪس ڪاروبار جي پڄاڻي تي هڪ هزار 425 پوائنٽون واڌ سان هڪ لک 19 هزار 961 تي ڪئي آهي. بازار ۾ اڄ 69 ڪروڙ 89 لک شيئرز جا سودا ٿيا، جن جي ماليت 39 اربن کان وڌيڪ رهي. ڪاروبار جي پڄاڻي تي مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 147 ارب رپيا واڌ سان 14 هزار 385 ارب رپيا آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے