ڪراچي:(خمیس 15 مئي 2025ع)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڀارتي حملن جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن ۽ زخمين لاءِ مالي امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته شهيد ٿيندڙن جي وارثن لاءِ في خاندان هڪ ڪروڙ جڏهن ته زخمي ٿيلن جي 10-10 لک روپيه ڏنا ويندا.
وڏي وزير چيو ته رب پاڪ مشڪل وقت ۾ اسان جي مدد ڪئي. قوم پاڪ فوج سان پهاڙ جيان مضبوط رهي، پهلگام واقعو سوچيل سمجهيل سازش هئي.
هن وڌيڪ چيو ته ڀارت رافيل ته خريد ڪري ورتا پر انهي کي هلائڻ وارا نه آهن. پاڪ فوج ثابت ڪيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي پاڪستان طرف ميري اک سان ڏسندڙن جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين.
0 تبصرے
Do not use vulgar language