اسلام آباد:(خمیس 15 مئي 2025ع)پاڪستان آمريڪا کي بنا ڪنهن واپاري ٽيرف جي ٻه طرفي واپاري معاهدي جي آڇ ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب آمريڪي صدر جي پاڪستان سان واپار وڌائڻ جي جواب ۾ پاڪستان اها تجويز ڏني، پاڪستان چونڊيل ٽيرف لائنز تي زيرو ٽيرف سان گڏيل مفادن جي بنياد تي ٻه طرفو معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان آمريڪا سان ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻه طرفي واپار کي واڌ ڏيڻ چاهي ٿو.
ذريعن موجب اها آڇ آمريڪي صدر طرفان پاڪ _ ڀارت جنگبندي جو معاهدو ڪرڻ کانپوءِ ڪئي وئي، جنگبندي کانپوءِ آمريڪي صدر چيو ته هو ٻنهي ملڪن سان تمام گهڻو واپار ڪندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language