
ڪراچي:(خمیس 15 مئي 2025ع)پاڪستان ۾ عورتن جو موبائيل انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ جو رجحان تيزي سان وڌڻ لڳو آهي، پاڪستاني عورتن انهي معاملي ۾ پاڙيسري ملڪ جي عورتن کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.
نجي چينل جي رپورٽ موجب سيلولر ڊيجيٽل سروسز فراهم ڪندڙ عالمي اداري(جي ايس ايم اي) پنهنجي موبائل جينڊر گيپ رپورٽ 2025ع ۾ اعتراف ڪيو ته پاڪستان ۾ عورتن جي ڊجيٽل شموليت ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي جنهن کي پاڪستان جو ڊجيٽل بريڪ ٿرو قرار ڏنو ويو آهي.
رپورٽ موجب پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه سالن کان عورتن جي موبائل انٽرنيٽ استعمال ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي پر 2024 ۾ انهي حوالي سان نمايان اڳڀرائي ٿي جنهن ۾ مرد عورتن جي وچ ۾ موبائيل انٽرنيٽ جي استعمال جو فرق 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 25 سيڪڙو رهجي ويو آهي. هاڻ پاڪستاني عورتون مردن جي مقابلي ۾ صرف 25 سيڪڙو گهٽ موبائيل انٽرنيٽ استعمال ڪري رهيون آهن انهي جي ابتڙ ڏکڻ ايشيا ۾ اهو ريشو هاڻ صرف 32 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ برقرار آهي. اندازي موجب خطي جون 33 ڪروڙ عورتون اڃان تائين موبائيل انٽرنيٽ کان محروم آهن.
رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 45 سيڪڙو عورتون موبائيل انٽرنيٽ استعمال ڪري رهيون آهن جڏهن ته ڀارت ۾ اها شرح 39 سيڪڙو ۽ بنگلاديش ۾ صرف 26 سيڪڙو آهي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2024 ۾ ڪيل سروس موجب سمورن ملڪن ۾ عورتن طرفان موبائيل انٽرنيٽ اپنائڻ جي اها سڀني کان وڌيڪ شرح هئي انهي ۾ ٻهراڙي جي عورتن جو ڪردار به نمايان رهيو.
2023 ۾ 33 سيڪڙو پاڪستاني عورتون موبائيل انٽرنيٽ استعمال ڪنديون هيون جيڪو 2024 ۾ وڌي 45 سيڪڙو ٿي ويو انهي عرصي ۾ مرد صارفين ۾ به موبائيل انٽرنيٽ جي استعمال ۾ 7 سيڪڙو پوائنٽس جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ مردن جي موبائيل ملڪيت جي حوالي سان پهرين نمبر تي آهي جتي 93 سيڪڙو مرد موبائيل فون جا مالڪ آهن جڏهن ته ڀارت ۾ اها شرح 71 سيڪڙو ۽ بنگلاديش ۾ 68 سيڪڙو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language