
ڪراچي:(خمیس 15 مئي 2025ع)سنڌ ۾ مليريا واري پروگرام جي لاءِ هڪ ارب 21 ڪروڙ روپين جو بجيٽ جاري ٿيڻ باوجود بيماري تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو، 4 مهينن جي دوران صوبي ۾ 28 هزار 820 مليريا ڪيسز رپورٽ ٿيا.
رپورٽ موجب مليريا کان بچاءُ واري پروگرام لاءِ هڪ ارب 21 ڪروڙ روپين جي بجيٽ جي باوجود مليريا تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڏوراهين علائقن ۾ مڇرمار اسپري نه ٿي سگهيو جڏهن ته سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور سميت ڪيترن ئي ضلعن ۾ مڇرمار اسپري جي حوالي سان ڪنهن به قسم جون سنجيده ڪوششون به نه ورتيون ويون.
مڇرن جي خاتمي لاءِ هر ضلعي کي ڪروڙين روپين جو بجيٽ جاري ڪيو ويو پر مليريا جي ڪيسز تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو. صحت کاتي جي انگن اکرن موجب سنڌ جي اسپتالن ۾ 4 مهينن دوران 4 لک 94 هزار ماڻهن جا مليريا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 28 هزار 800 ڪيسز مثبت آيا جن مان سڀني کان وڌيڪ 10 هزار 562 ڪيسز جو تعلق حيدرآباد ڊويزن سان هو. ڪراچي ۾ مليريا جا صرف 239 ڪيسز رپورٽ ٿيا پر مليريا جو خطرو برقرار آهي.
هڪ رپورٽ موجب اينٽي مليريا اسپري ۾ موثر ڪيميڪل جي بجاءِ گيسولين جو دونهون استعمال ڪيو پيو وڃي. عالمي صحت واري اداري طرفان ڏنل هدايتن جي ابتڙ ڊي ڊي ٽي ۽ ٻيو ڪيميڪلز استعمال نه پيو ڪيو وڃي. شهرين مطالبو ڪيو آهي ته مليريا جي روڪٿام لاءِ باقاعدگي سان موثر اسپري مهم هلائي وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language