شڪارپور:(اڱارو 08 جولاءِ 2025ع)شڪارپور جي سنڌ واھه ۾ وهنجڻ دوران ٻه سڳا ڀائر ٻڏي فوت، شڪارپور جي سنڌ واھه ۾ وهنجڻ دوران ٻه نوجوان سڳا ڀائر علي رضا ۽ خير محمد پٽ مير محمد سنجراڻي سنڌ واھه ۾ وھنجڻ دوران ٻڏي فوت ٿي ويا، ٻئي ڀائر پلازه سينما پاڙي جا رهواسي هئا جيڪي پنهنجي ڪجهه دوستن سان گڏ وهنجڻ لاءِ سنڌ واھه تي ويا جتي اوچتو پاڻي ۾ ٻڏي ويا، رستي ويندڙ ماڻهن توڙي فوت ٿي ويلن جي دوستن ٻنهي نوجوانن جا لاش پاڻي مان ٻاهر ڪڍي آر بي يو ٽي سول اسپتال منتقل ڪرايا جتي ڊاڪٽرن پاران ٻنھي نوجوانن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي،ٻنھي ڀائرن جي چاچي ۽ ٻين وارثن جو چوڻ ھو ته نوجوانن کي سندن پنهنجا دوست وهنجڻ لاءِ وٺي ويا هئا. وارثن جو خدشو آهي ته واقعي ۾ ڪا ٻي ڳالهه ٿي سگهي ٿي ڇو ته هڪ نوجوان جي مٿي تي واضح ڌڪ جا نشان آهن جن جي جاچ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو آهي، هوڏانهن پوليس جو چوڻ هو ته ڪارروائي ڪندي نوجوانن سان گڏ ويندڙ ڪجهه دوستن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language