گڊو:(اڱارو 08 جولاءِ 2025ع)گڊو ڀرسان ھفتو اڳ پنجاب جي شاھوالي واري علائقي مان پراسرار نموني گم ٿي ويل واپڊا سيڪيورٽي گارڊ اسلم جي اغوا ٿيڻ جي تصديق واپڊا سيڪيورٽي گارڊ اسلم کي اغوا ڪندڙ نامعلوم ڌاڙيلن زنجير ۾ جڪڙيل مغوي جي تصوير وارثن کي واٽس اپ ڪري ڇڏي، 70 لک ڀنگ طلب، مغوي سيڪيورٽي گارڊ اسلم ٿرمل پاور هائوس گڊو کي سرپلس ڪري سيپڪو ۾ موڪليو ويو هو پوسٽنگ نه ملڻ سبب واپڊا ڪالوني گڊو جي ھڪ بلاڪ ۾ رھندو ھو اسلم پنهنجي دوست جي دعوت کائڻ لاءِ پنجاب جي شاھوالي واري علائقي ويو ته واپس نه آيو، ڪمري ۾ گڏ رھندڙ سيڪيورٽي گارڊ ٻڌايو ته اسلم صبح جو 9 وڳي جميل نالي دوست جي دعوت کائڻ لاءِ شاھوالي ويو هو رات دير تائين واپس نه اچڻ بعد موبائيل نمبر تي ڪال ڪئي ته نمبر بند مليو سيڪيورٽي گارڊ پنجاب جي شاھوالي واري علائقي مان اغوا ٿيو آهي، ڌاڙيلن والد جي نمبر کان ڪال ڪري والد سان ڳالھ ڪرائڻ بعد 70 لک ڀنگ طلب ڪيو آهي، والد ٻڌايو ته ڪچي ۾ رنجيرن ۾ جڪڙيل آھيان غريب آھيون ڀنگ ڀرڻ جيتري طاقت نه آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language