welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

نيتن ياهو جو ٻڌي ماڻهو پهچي ويا، وائٽ هائوس ٻاهران احتجاجي مظاهرو

واشنگٽن:(اڱارو 08 جولاءِ 2025ع)آمريڪا جي گادي واري هنڌ واشنگٽن ۾ اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو جي اچڻ جو ٻڌي ماڻهو جمع ٿي ويا، نيتن ياهو خلاف وائٽ هائوس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين غزه ۾ جنگ ختم ڪرڻ ۽ اسرائيل لاءِ آمريڪي حمايت روڪڻ جو مطالبو ڪيو. فلسطيني جهنڊا ۽ نيتن ياهو جا پورٽريٽ کڻي احتجاج ڪندڙ ماڻهو اسرائيلي حملن خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا، سندن چوڻ هو ته اسرائيلي بمباري سان 57400 کان وڌيڪ فلسطيني مارجي چڪا آهن. غزه تي اسرائيلي حملن خلاف عالمي برادري جي خاموشي تي مظاهرين ڪافي ڪاوڙيل نظر آيا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے