welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سکر بئراج جو گيٽ نمبر 43 پاڻي وھڪرن جو دٻاءُ نه سھندي پاسيرو ٿي ويو، ڪافر ڊيم جوڙڻ لاءِ ڪم شروع

سکر:(اڱارو 08 جولاءِ 2025ع)سکر بئراج جو گيٽ نمبر 43 پاڻي وھڪرن جو دٻاءُ نه سھندي پاسيرو ٿي ويو بئراج جي گيٽن جي تبديلي وارو ڪم ڪندڙ ڪمپني پاران ھنگامي بنيادن تي سکر بئراج جي اپ اسٽريم ۾ گيٽ نمبر 43 آڏو ڪافر ڊيم جوڙڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم شروع ڪيو ويو آهي ان ڏس ۾ ايڪسيئن سکر بئراج زاھد مغل رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پھرين مرحلي ۾ چائنا ڪمپني گيٽن جي تبديلي لاء سکر بئراج جي اپ اسٽريم ۾ گيٽ نمبر 43 کان گيٽ نمبر 59 تائين ڪافر ڊيم جوڙيو ويو هو ۽ اھي چائنا ڪمپني طرفان ئي گيٽ نمبر 43 کي درپيش مسئلن کي چائنا ڪمپني ٺيڪ ڪرڻ لاء تحرڪ ۾ اچي وئي آهي ھن چيو ته امڪاني سيلابي وھڪرن جي ڪري 43 نمبر گيٽ کي اپ اسٽريم طرفان ٻنڊو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته شيڊيول موجب آڪٽوبر جي مهيني کان گيٽن جي تبديلي واري فيز 2 ۾ متاثر ٿيل گيٽ پڻ تبديل ڪريو ويندو۔

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے