
میرپورخاص:(جمعو 25 جولاءِ 2025ع)ميرپورخاص ڊويزن جي وڪيلن پاران منشيات خلاف تحريڪ ھلائڻ جو اعلان، وڪيلن چيو آھي ته پوليس ۽ چونڊيل نمائندا منشيات جي وڪري ۾ ملوث آھن، ڪنھن به منشيات فروش جو ڪيس نه وٺنداسين.
ميرپورخاص ۾ ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران منشيات جي وڪري خلاف جنرل باڊي جو اجلاس ڪوٺايو ويو.
جنھن ۾ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ سانگھڙ جي وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي خطاب ڪندي ھاءِ ڪورٽ ايسوسيئيشن جي صدر مير پرويز ٽالپر چيو منشيات جو وڪرو سنڌ جي نئين نسل کي تباھ ڪرڻ جي ھڪ سوچيل سمجھيل سازش آھي.
ھن چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ آئس جھڙي خطرناڪ نشي کي پکيڙيو پيو وڃي ته جيئن ايندڙ نسلن جي تعليم سان گڏوگڏ سندن شعور کي به تباھ ڪري ڇڏجي.
ھن چيو ته منشيات جي وڪري ۾ انتھائي سگھاريون ڌريون ملوث آھن، ھتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر ھيڏي وڏي مقدار ۾ منشيات بارڊر ڪراس ڪري ڏاکڻين ضلعن تائين ڪيئن ٿي پھچي؟
ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته حدن جي ايس ايس پيز ۽ ڊي آءِ جيز کان علاوه ٻيون سگھاريون ڌريون به ان ڌنڌي ۾ ملوث آھن.
ان موقعي تي خطاب ڪندي ھاءِ ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽري غفار ناريجي چيو ته منشيات جي ڌنڌي ۾ پوليس سان گڏوگڏ چونڊيل نمائندا ۽ انھن جا خاص ماڻھو ان ڌنڌي ۾ ملوث آھن، جن کي منشيات فروشن طرفان ڀتو ڏنو وڃي ٿو.
ھن چيو ته پوليس پاران منشيات جي وڏن ڊيلرن کي ڇوٽ مليل ھوندي آھي، جڏھن ته منشيات خلاف ڪاررواين جي خاناپوري لاءِ ڪيبن وارن ۽ منشيات واپرائيندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو آھي.
ھن چيو ته پوليس چوي ٿي ته منشيات جي ڌنڌي ۾ وڪيل به ملوث آھن، اسان چئون ٿا ته اسان کي اھڙن وڪيلن جي لسٽ فراھم ڪئي وڃي، سندن ميمبرشپ ڪينسل ڪئي ويندي.
ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر عبدالڪريم ورڪ چيو ته ميرپورخاص ڊويزن ۾ منشيات جو وڪرو عروج تي آھي.
هن چيو ته وڪيلن کي خبر آھي ته اصل منشيات فروش ڪير ھجي ٿو، ان ڪري اھڙن منشيات فروشن جا ڪيس نه ورتا وڃن، باقي جيڪڏھن ڪنھن بيگناھ کي ڦاسايو ويو آھي ته ان جي مالڪي ڪرڻ گھرجي.
عمرڪوٽ جي وڪيل لياقت سھتي چيو ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ اڳ ۾ منشيات مخصوص ھنڌن تي ھلندي آھي، پر ھاڻي ان جو وڪرو سرعام ٿي رھيو آھي ۽ ھاڻ ته منشيات ھڪ سازش تحت تعليمي ادارن ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي، جنھن سان نئون نسل تباھيءَ طرف ڌڪجي رھيو آھي.
ھن چيو ته عمرڪوٽ ۾ جيڪي مُک منشيات فروش آھن، سندن لسٽ ايس ايس پي عمرڪوٽ کي ڏني وئي ته ھن انھن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي.
سانگھڙ جي وڪيل الطاف جوڻيجي چيو ته منشيات جي خطرناڪ اثرن بابت سماجي جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي، ۽ گڏوگڏ انتظاميا تي دٻاءُ وجھڻ گھرجي ته اھا ھر صورت ۾ منشيات جي وڪري کي روڪرائي.
تقريب کي خطاب ڪندي وڪيل عزيز ميمڻ، شوڪت راھمون، ممتاز جروار، مير محمد نوھڙي ۽ ٻين چيو ته منشيات جي وڪري کي روڪڻ لاءِ ھڪ سگھاري تحريڪ جي ضرورت آھي.
ھن چيو ته منشيات جي وڪري ۾ ڊي آءِ جي سطح کان وٺي ايس ايس پيز، ايس ايڇ اوز، نام نھاد صحافي ۽ سوشل ورڪر به ان ڌنڌي ۾ ملوث آھن.
ھن چيو ته تحريڪ جي شروعاتي مرحلي ۾ وزيراعظم، وزيراعليٰ، چيف جسٽس سميت لاڳاپيل اختيارين کي منشيات جي روڪٿام لاءِ لکت ۾ گذارش ڪئي ويندي، ۽ بعد ۾ تعلقي بار، ڊسٽرڪٽ بارز ۽ ھاءِ ڪورٽ بارز ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language