welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

شراب هٿ اچڻ وارو ڪيس: پشاور هاءِ ڪورٽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا

پشاور:(اڱارو 29 جولاءِ 2025ع)پشاور هاءِ ڪورٽ شراب هٿ اچڻ جي ڪيس ۾ اسلام آباد جي عدالت طرفان جاري خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي گرفتاري جا وارنٽ معطل ڪندي پوليس کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. سومر تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اعجاز انور ۽ جسٽس ڊاڪٽر خورشيد اقبال خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ معطلي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪندي پوليس کي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو ۽ وڏي وزير کي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته اسلام آباد جي عدالت 21 جولاءِ تائين وڏي وزير جي گرفتاري جو حڪم ڏنو پر عدالت جو حڪم مقرر ٿيل تاريخ کان پوءِ مليو. وڪيل چيو ته علي امين گنڊاپور پهريان به عدالتن ۾ پيش ٿيندو رهيو آهي ۽ هاڻ به پيش ٿيڻ چاهي ٿو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي خلاف شراب ۽ هٿيار اچڻ جي ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے