welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

وزيراعظم سان ڪرغزستان جي اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات، لاڳاپا مضبوط بنائڻ تي اتفاق

اسلام آباد:(اڱارو 29 جولاءِ 2025ع)وزيراعظم شهباز شريف سان عادل بيسالوف جي اڳواڻي ۾ ڪرغزستان جي اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفه مضبوط لاڳاپن جو ارادو ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ تعاون ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آءِ جي سي جي پنجين اجلاس جي ڪامياب منعقد ٿيڻ تي اطمينان جو به اظهار ڪيو. شهباز شريف پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ پروٽوڪول ۽ مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن تي صحيحن جي تعريف ڪئي ۽ انهي کي واپار، توانائي تعاون، رابطي ۽ عوامي تبادلن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم قدم قرار ڏنو. وزيراعظم آءِ جي سي جي دوران ڪيل فيصلن تي عمل ڪرڻ جي لاءِ مضبوط ارادن جو اظهار ڪيو. عادل بيسالوف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوشش جي تعريف پڻ ڪئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے