
ڪراچي:(اڱارو 29 جولاءِ 2025ع)سنڌ ۾ ضمني بلدياتي چونڊن جو شيڊول جاري ڪيو ويو، سنڌ جي 52 بلدياتي سيٽن تي چونڊ ٿيندي، اليڪشن ڪميشن ضمني بلدياتي چونڊن لاءِ ڊي آر اوز ۽ آر اوز مقرر ڪيا ويا آهن. گهوٽڪي، سکر، نوشهروفيروز ۽ حيدرآباد ۾ ضمني بلدياتي چونڊون 24 سيپٽمبر تي ٿينديون.
ڪراچي غربي، ڪياماڙي ۽ ڪراچي شرقي، ڄامشورو، مٽياري، شڪارپور ۽ ڪشمور ۾ ضمني بلدياتي اليڪشن 24 سيپٽمبر تي ٿيندي. اليڪشن ڪمشنر سنڌ موجب نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو مرحلو 21 کان 23 آگسٽ تائين جاري رهندو. اميدوارن جي شروعاتي فهرست 25 آگسٽ تي جاري ڪئي ويندي.
اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته نامزدگي ڪاغذن جي جانچ پڙتال 26 کان 28 آگسٽ تائين ٿيندي. 8 سيپٽمبر تائين نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهبا، 9 سيپٽمبر تي اميدوارن جا چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويندا.
سنڌ جي 19 مختلف ضلعن ۾ 52 سيٽن لاءِ پولنگ 24 سيپٽمبر تي منعقد ٿيندي. ڪراچي ڊويزن جي 3 ضلعن جي 5 بلدياتي سيٽن تي ضمني بلدياتي چونڊون ٿينديون. ضلع شرقي ۾ ٽي ايم سي سهراب ڳوٺ جي يوسي 8 ۾ وائس چيئرمين جي سيٽ تي چونڊ ٿيندي.
ضلع غربي ٽي ايم سي منگهو پير يوسي 10 وائس چيئرمين جي سيٽ تي به چونڊ ٿيندي، ٽي ايم سي اورنگي جي يوسي نمبر 10 ۽ 7 تي چيئرمين ۽ جرنل ميمبر جي سيٽ تي ضمني چونڊ ٿيندي. ضلعي ڪياماڙي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن بلديه جي يوسي 8 ۾ وائس چيئرمين جي سيٽ تي چونڊ ٿيندي.
ضلع شرقي، غربي ۽ ڪياماڙي جي ڊپٽي ڪمشنر، ڊي آر اوز جا فرض انجام ڏيندا. اليڪشن ڪميشن موجب وفاق، صوبائي انتظاميه تي ترقياتي منصوبن جي اعلان ۽ سرڪاري وسيلن تي پابندي هوندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language