welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بحريه ٽائون مني لانڊرنگ ڪيس: 2 رٽائرڊ فوجي آفيسرن سميت 10 ڄڻا گرفتار، جاچ ٽيم جوڙي وئي

ڪراچي:(اڱارو 29 جولاءِ 2025ع)بحريه ٽائون مبينه مني لانڊرنگ ڪيس ۾ بحريه ٽائون جي 10 ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي بحريه ٽائون مبينه مني لانڊرنگ ڪيس تي جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي. ڊائريڪٽر ايف آءِ اي اسلام آباد زون ٽيم جي سربراهي ڪري رهيو آهي. ذريعن ٻڌايو ته اينٽي مني لانڊرنگ ونگ ڪيس جي انڪوائري ڪري رهيو آهي. گرفتار جوابدارن ۾ ڪرنل(ر) خليل احمد ۽ برگيڊيئر(ر) ظفر به شامل آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مني لانڊرنگ ڪيس جو حجم کربين روپين تي ٻڌل آهي. اينٽي مني لانڊرنگ ٽيم بحريه ٽائون جي هيڊ آفيس مان سمورو رڪارڊ حاصل ڪري ورتو آهي. جوابدارن جي خلاف 3 مختلف ڪيس داخل ڪري ايف آءِ آر کي سيل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ وڏين گرفتارين جو امڪان آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے