
محراب پور:(جمعو 25 جولاءِ 2025ع)تعلقي اندر وڌندڙ بدامني ۽ ان جو ڪارڻ بڻيل سماجي برائن خلاف نوشهروفيروز صحافي اتحاد پاران عوامي پريس ڪلب کان لوڌي چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
ريلي جي قيادت نوشهروفيروز صحافي اتحاد جا مرڪزي اڳواڻ سيد جاني شاھ، عبدالرزاق لاشاري، محسن ملاح، تعلقه صدر قاضي اياز عالم، يونٽ صدر آصف علي سيال ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.
ان موقعي تي سماجي اڳواڻ ايڊووڪيٽ خليق الرحمن ڪمبوھ، جسقم اڳواڻ شهاب الدين ميمڻ،۽ مختلف سياسي، سماجي، مذهبي ۽ صحافتي تنظيمن جي اڳواڻن، شهرين صحافين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
مظاهرين چيو ته شهر اندر سماجي برائيون جهڙوڪ منشيات، جوا ۽ فحاشي جا اڏا هلي رهيا آهن، جنهن سبب نوجوان نسل تباھ ٿي رهيو آهي.
ڏوهي سرگرمين ۾ پڻ رڪارڊ اضافو ٿي ويو آهي، جڏهن ته محرابپور تعلقي اندر پوليس سماجي برائن توڙي بدامني ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪو به ڪارروائيون نه ڪري سگھي آهي.
جنهن سبب بدامني چوٽ چڙهڻ ڪري شهرين جو جان ۽ مال داءُ تي لڳل آهي.
مظاهرين ايس ايس پي نوشهروفيروز، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ۽ آءِ جي سنڌ پوليس کان پرزور مطالبو ڪيو آهي، ته معاملي جو نوٽيس وٺي، بدامني ۽ سماجي برائن ۾ ملوث سمورن جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري محرابپور تعلقي اندر امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي.
ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جي دائري کي وڌيڪ وسيع بڻايو ويندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language