welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪشمور: ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي ريلي

ڪشمور:(جمعو 25 جولاءِ 2025ع)ڪشمور مان اغوا ٿي ويل نوجوانن محمد عيسيٰ نائچ، فيضان نائچ، ۽ اڪبر پٺاڻ جي بازيابي سميت ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف پير آف ڀرچونڊي ميان عبدالسيب قادري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نادرا چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ سياسي، سماجي، تنظيمن سان گڏوگڏ شهر جي مختلف تنظيمـن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جن تي ڌاڙيل ڪلچر جي خاتمي ۽ مغوين جي آزادي لاءِ آپريشن جو مطالبو ڪيو ويو آهي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڪشمور ضلعو سالن کان ڌاڙيلن جي قبضي هيٺ آهي، جتي پوليس بدامني تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. تازو ڪشمور ٿاڻي جي حد مان فيضان نائچ ۽ محمد عيسيٰ نائچ کي هٿياربند اغوا ڪري ويا. جڏهن ته ڏينهن ڏٺي گڊو مان نوجوان اڪبر پٺاڻ کي زوري اغوا ڪيو ويو. ان کان علاوه بڊاڻي کان سانگي برادري جو نوجوان پڻ اغوا ڪيو ويو، پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي. هنن الزام لڳايو ته ڌاڙيلن کي مڪمل آزادي حاصل آهي، جيڪي جڏهن ۽ جنهن کي چاهين، اغوا ڪن ٿا، واپاري جي دوڪانن تان ڦر جي واقعن ۾ اضافو ٿئي ٿو، موٽرسائيڪلون کسجي وڃن ٿيون ۽ هر ڏوھ بنا ڪنهن ڊپ ڊار جي ڪيو پيو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے