سانگھڙ:(جمعو 25 جولاءِ 2025ع)عدالتي حڪم تي زميندار جي مبينه نجي جيل تي ڇاپو، يارنهن هاري بازياب.
ايڊيشنل سيشن جج سانگهڙ جي عدالت کي هيرو ڀيل درخواست ڏني، ته زميندار گلو منگواڻو گذريل پنجن سالن کان زرعي زمين تي مفت ۾ زبردستي جبري پورهيو ڪرائي ٿو.
حساب ڪتاب نٿو ڪري جنهن تي عدالت سڳوري اهڙو حڪم جاري ڪيو.
منگلي پوليس عدالتي حڪم تي مبينه نجي جيل تي ڇاپو هڻي يارنهن هاري بازياب ڪرايا.
عدالت سڳوري هارين کي پنهجي مرضي موجب زندگي گذارڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language