welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري صدارتي محل ۾ سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي سان ملاقات

اسلام آباد:(جمعو 25 جولاءِ 2025ع)صدر آصف علي زرداري صدارتي محل ۾ سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي سان ملاقات ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي پڻ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ ٻني طرف سان لاڳاپن، واپار، معيشت ۽ ثقافت جي فروغ تي گفتگو ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا گڏيل عقيدن ۽ باهمي اعتماد تي ٻڌل آهن. هن چيو ته سعودي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري دوست ماحول مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. پاڪستان ۽ سعودي عرب عالمي معاملن تي ساڳيو موقف رکن ٿا. صدر زرداري چيو ته هو ڏکئي وقت ۾ سعودي عرب جي مدد جو شڪرگذار آهي. هن شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے