welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ميرپورخاص: 6 مھينن دوران ڪيسن ۾ گھربل 1370 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو

میرپورخاص:(جمعو 25 جولاءِ 2025ع)ميرپورخاص اندر 6 مھينن دوران ڪيسن ۾ گھربل 1370 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، ڦر ۽ چوري ڪيل 60 لک رپيا، 36 موٽر سائيڪلون، 13 موبائل ۽ 5 ڪارون برآمد ڪيون ويون. ميرپورخاص پوليس پاران ڏوھارين خلاف ڪاررواين جو سلسلو جاري آھي. ان ڏس ۾ ايس ايس پي ميرپورخاص ثمر نور چنا جي سخت ھدايتن کانپوءِ ميرپورخاص ۾ 6 مھينن دوران مختلف ڪيسن ۾ گھربل 1370 جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو ويو. پوليس رڪارڊ موجب ان عرصي دوران 23 ڏوھارين ٽولن جو خاتمو آندو ويو ۽ انھن ڏوھارين وٽان 3 ڪارون، 13 موٽر سائيڪلون، 11 موبائل فون، 61 لک 23 ھزار رپين کان وڌيڪ ڦر ٿيل رقم سميت 11 لک رپين جي ماليت جو ٻيو سامان ۽ 15 پستول برآمد ڪيا ويا. ھوڏانھن سموري ضلعي ۾ 15 قتل ڪيسن ۾ گھربل 23 جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو ويو، جڏھن ته 12 اشتھاري ۽ 109 روپوش ڏوھارين کي پڻ گرفتار ڪيو ويو. ٻئي طرف منشيات خلاف ڪارروايون ڪندي 180 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ۽ انھن ڪيسن ۾ گھربل 230 جوابدارن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو. جوابدارن وٽان 52 ڪلو چرس، 399 گرام آئس، 500 گرام ڪرسٽل، 2 ڪلو کان وڌيڪ آفيم، 54 گرام ھيروئن، 652 بوتلون وسڪي ۽ 79 ھزار ليٽر ڪچو شراب ھٿ ڪيو ويو، جڏھن ته گٽڪا مافيا خلاف ڪارروايون ڪندي 199 ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ 287 جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو ويو. اھڙن جوابدارن جي قبضي مان 368 ڪلو گرام مين پري، 951 گرام گٽڪو، 162 ڪلوگرام ماوا، 957 ڪلوگرام سفينا گٽڪو ۽ ھڪ ھزار گرام مختلف قسمن جا گٽڪا ۽ 25 ھزار ڪلوگرام خام مال ھٿ ڪيو ويو. ھوڏانھن غير قانوني ھٿيارن رکندڙن خلاف 41 ڪيس داخل ڪري 41 ئي جوابدارن کي گرفتار ڪري وٽانئن 38 پسٽل، 2 رائفلون ۽ 117 ثابت گوليون ھٿ ڪيون ويون. پوليس رڪارڊ موجب ريپ ڪيسن ۾ 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. ساڳئي وقت جوا ۽ آڪڙا پرچي ھلائيندڙن خلاف 6 ڪيس داخل ڪري 37 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے