
غازي آباد:(جمعو 25 جولاءِ 2025ع)هندستان جي شهر غازي آباد ۾ هڪ جعلي سفارتخاني جو پردو ڦاٽي پيو ۽ ان جي خود ساخته سفير کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
هندستاني ميڊيا جي رپورٽن موجب، هندستاني واپاري هرش وردھن جين چار جعلي ملڪن جي سفير طور سرگرم هو. ملزم پاڻ کي ويسٽ آرڪٽيڪا سبورگا، پولوويا ۽ لوڊونيا جو سفير طور پيش ڪيو هو.
ملزم پاڻ کي ويسٽ آرڪٽيڪا سبورگا، پولوويا ۽ لوڊونيا جو سفير طور پيش ڪيو هو. هرش وردھن پاڻ کي شاهي صلاحڪار ۽ قونصل جنرل طور پڻ پيش ڪيو.
جعلي سفارتخانو دهلي جي ويجهو غازي آباد ۾ 7 سالن کان سرگرم هو. گهر جي ڇت ۽ بالڪوني تي جعلي جهنڊا، شاهي نشان ۽ جعلي نمبر پليٽون ڏيکاريون ويون هيون.
هندستاني ميڊيا موجب، پوليس جعلي سفارتي نمبر پليٽن سان گڏ چار گاڏيون، 20 اضافي جعلي نمبر پليٽون ۽ 12 جعلي سفارتي پاسپورٽ پڻ هٿ ڪيا.
ملزم کان پرڏيهي معاملن جي جعلي وزارت جون مهرون، اسٽيمپ، دستاويز ۽ نقد رقم به هٿ ڪئي وئي. ملزم دنيا جي اڳواڻن سان پنهنجا لاڳاپا ڏيکارڻ لاءِ تصويرون ايڊٽ ڪيون هيون. هرش وردھن سفير بڻجي ڪاروباري ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺندو هو، جعلي سفارتي حيثيت ذريعي مني لانڊرنگ ۽ فراڊ ڪيو ويندو هو، ۽ جعلي ملڪن جي نالي تي ڪاروباري ماڻهن سان فراڊ ڪيو ويندو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language