welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي: ميٽرڪ ٽي ايس سي جا نتيجا اعلان، بينڪ سيڪيورٽي گارڊ جي ڌيءَ ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي

ڪراچي:(اڱارو 29 جولاءِ 2025ع)سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ڪراچي سومر ڏينهن ٽيڪنيڪل اسڪول سرٽيفڪيٽ پارٽ 2 جي سالياني امتحان 2025 جي نتيجن جو اعلان ڪيو. چيئرمين ٽيڪنيڪل بورڊ مشرف علي راجپوت موجب، سڄي سنڌ مان 1887 اميدوارن ٽي ايس سي امتحانن ۾ حصو ورتو، 1628 اميدوارن ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ ڪاميابي جو تناسب 86.27 سيڪڙو رهيو. گلشن ٽيڪنيڪل هاءِ اسڪول ملير جي حافظ محمد شهير 1350 مارڪن مان 1179 مارڪون حاصل ڪري پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، ساڳئي اسڪول جي محمد شميخ احمد 1168 مارڪون حاصل ڪري ٻي پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته ورڪرز ماڊل اسڪول سائيٽ حيدرآباد جي شاگردياڻي وجيهہ شاهه 1350 مارڪون حاصل ڪري ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. پوزيشن حاصل ڪندڙ اميدوارن کي بورڊ طرفان شيلڊون، تمغا ۽ نقد انعام ڏنا ويا. سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ڪراچي جي تحت ٽي ايس سي امتحان جي نتيجن ۾ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردياڻي وجيهہ شاهه هڪ خانگي بينڪ ۾ هڪ گارڊ جي ڌيءَ آهي. وجيهہ شاهه ڪمپيوٽر سائنس ۾ ڪل 1350 مارڪن مان 1164 مارڪون حاصل ڪري ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے