اسلام آباد:(جمعو 04 جولاءِ 2025ع) وفاقي حڪومت عاشور جي موقعي تي 5 ۽ 6 جولاءِ تي عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي.
ڪابينا ڊويزن 9 ۽ 10 محرم تي عام موڪلن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، موڪلن جو اعلان وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري کان پوءِ ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته موڪلون هفتي ۾ 5 ۽ 6 ڏينهن ڪم ڪندڙ سڀني آفيسن تي لاڳو ٿينديون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language