welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آسٽريليا خلاف سيريز ۾ پي سي بي جا وارا نيارا: ڪرڪيٽ بورڊ 2 ارب رپيا ڪمائي ورتا

لاهور: (جمعو 08 اپريل 2022ع) آسٽريليا خلاف هوم سيريز ۾ پي سي بي جا وارا نيارا ٿي ويا: ٽن ٽيسٽ ميچن، ٽن ون ڊي ۽ هڪ ٽي ٽوئنٽي ميچ تي ٻڌل هن دوري دوران پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ 2 ارب رپيا ڪمائي ورتا. ان ڳالهه جي تصديق پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز حسن راجا پڻ ڪئي
ميڊيا کي موقف ڏيندي چيئرمين رميز حسن راجا چيو ته 24 سالن بعد پاڪستان جي تاريخي دوري تي آيل آسٽريلين ٽيم تماشائين جو توجه پاڻ ڏانهن ڇڪايو. نه رڳو ڪرڪيٽ جي تماشائين پر سڄي دنيا جي ماڻهن جون نظرون پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي ڏانهن هيون، جيڪا عالمي خواهش پوري ٿي وئي هن چيو ته آسٽريليا جي پاڪستاني دوري سان پي سي بي کي ڪمرشل سائيڊ تي به وڏو فائدو پهتو آهي. پي سي بي چيئرمين وڌيڪ چيو ته اسان لاءِ اها سٺي ڳالهه آهي ته ڪرڪيٽ اڳتي وڌي آهي، آسٽريلوي دوري دوران ڪرڪيٽ بورڊ کي 2 ارب رپين جي ڪمائي ٿي. هن چيو ته ويجهي ماضي ۾ سٺي ڪارڪردگي سان اسان جي ڪرڪيٽ ٽيم ماڻهن جو اعتماد بحال ڪيو آهي، جنهن سان اسان کي واپاري بنيادن تي نئيون بلنديون مليون آهن

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے