اسلام آباد : (جمعو 08 اپريل 2022ع) اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ طرفان صدر پاڪستان کي بلوچ شاگردن سان ملاقات جو حڪم ڏنو ويو آھي، اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر الله جي سربراهي بلوچ شاگردن کي هراسان ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت گھرو سيڪريٽري کي بھ بلوچ شاگردن سان ملاقات جو حڪم ڏنو آھي
ان موقعي تي چيف جسٽس اٽارني جنرل کي حڪم ڏنو تھ بلوچ شاگردن جي صدر پاڪستان سان ملاقات ڪرائي وڃي، جنھن تي اٽارني جنرل جو چوڻ ھو تھ موجودا صورتحال ۾ صدر سان ملاقات جي لاءِ ڪجھ وقت ڏيو
عدالت جي صدر پاڪستان جي وڪيل کي ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آھي، عدالت وڌيڪ حڪم ڏنو آھي تھ گھرو سيڪريٽري بلوچ شاگردن کي تحفظ يقيني بڻائي، بلوچ شاگردن کي پنھنجي صوبي ۾ وڃڻ تي ھراسگي ۽ اغوا جو خدشو ختم ڪيو وڃي
جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته جيڪو بلوچ شاگردن سان ٿي رهيو آهي ان جو ڪو به جواز نه آهي، موجوده صورتحال جيڪا بھ ھجي فرق نٿو پوي، عدالت صبر جو مظاھرو ڪندي آھي ۽ ھلڪو ورتو ويندو آھي
0 تبصرے
Do not use vulgar language