welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حمزه شھباز وزيراعليٰ جي چونڊ جي لاءِ لاھور ھاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

لاھور: (جمعو 08 اپريل 2022ع) مسلم ليگ ن وزيراعليٰ پنجاب جي چونڊ ڪرائڻ جي لاءِ لاھور ھاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آھي، پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شھباز ان ضمن ۾ لاھور ھاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪرائي، جنھن ۾ اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ آءِ جي پنجاب کي ڌر بڻايو ويو آھي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي تھ پنجاب ۾ وڏي وزير جو عھدو خالي آھي ۽ ان تي جلد کان جلد اليڪشن ڪرائي وڃي، درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي تھ سيڪريٽري اسيمبلي ۽ انتظامي آفيسر پرويز الاھي جا غيرقانوني قدم مڃي رھيا آھن ۽ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس گھرائڻ لاءِ بلا جواز دير ڪئي پئي وڃي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي تھ جيستائين وڏي وزير جي چونڊ نھ ٿئي تيستائين آرٽيڪل 130 جي تحت اسيمبلي جو اجلاس ملتوي نٿو ڪري سگھجي درخواست ۾ جن ماڻھن کي ڌر بڻايو ويو آھي ان جي باري ۾ چيو ويو آھي تھ ھو پنھنجي فرضن کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رھيو آھي، عدالت جلد کان جلد حڪم جاري ڪري ۽ چونڊ کي ممڪن بڻائي

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے