welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ميرپور ماٿيلو: مال گاڏي جو انجن ۽ 4 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون

ميرپور ماٿيلو:(جمعو 04 جولاءِ 2025ع) ميرپور ماٿيلو ۾ هڪ مال گاڏي جو انجن ۽ 4 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون. ريلوي اختيارين موجب، مال گاڏي پنجاب کان ڪراچي وڃي رهي هئي، ۽ حادثي کان پوءِ اپ ۽ ڊائون ٽريڪ بند ڪيا ويا آهن. ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي واري هنڌ کان ٽريڪ ٽٽي ويو آهي، بوگيون انجن کان الڳ ٿي ويون آهن، ۽ مسافر ٽرينن کي مختلف اسٽيشنن تي روڪيو ويو آهي. ريلوي اختيارين موجب، روهڙي کان هڪ امدادي ٽرين کي طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته امدادي ڪم پڻ شروع ڪيو ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے