welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪوٽڙي جي صنعتي زون مان فضلو ملايل پاڻي جي بي-فيڊر ۾ خارج ڪيو پيو وڃي: انڪشاف

ڪوٽڙي:(جمعو 04 جولاءِ 2025ع) اهو انڪشاف ٿيو آهي ته ڪوٽڙي انڊسٽريل زون جو سيوريج ملا پاڻي ڪي بي فيڊر ۾ ڇڏيو پيو وڃي. ڪي بي فيڊر جو پاڻي ڪينجهر ڍنڍ ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي کي فراهم ڪيو ويندو آهي. سنڌ ماحولياتي تحفظ واري اداري جي ٽيم ڪوٽڙي انڊسٽريل زون جو دورو ڪرڻ کان پوءِ چيو آهي ته دوري دوران ڪارخانن جا فلٽر پلانٽ غير فعال ڏٺا ويا. جنهن جي ڪري ڪارخانن جو سيوريج ملا پاڻي بغير ٽريٽمينٽ جي ڪينال ۾ ڇڏيو پيو وڃي. انچارج اي پي اي سنڌ عمران علي عباسي جو چوڻ آهي ته انهن ڪارخانن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي جيڪي ٽريٽمينٽ کان سواءِ ڪينال ۾ پاڻي ڇڏيندا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے