واشنگٽن:(خميس 10 جولاءِ 2025ع)آمريڪا ايران جي بينڪنگ نيٽ ورڪ تي وڌيڪ پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن.
هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي موجب، ايران جي بينڪنگ نيٽ ورڪ تي وڌيڪ پابندين جي تحت متحده عرب امارات، ترڪي، چين ۽ هانگ ڪانگ جي ڪجهه ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪيو ويو آهي.
آمريڪي خزاني کاتي پاران بليڪ لسٽ ڪيل ڪمپنين تي ايران جي ميزائل پروگرامن کي مالي ۽ ٽيڪنيڪل مدد فراهم ڪرڻ جو الزام آهي.
آمريڪي خزاني کاتي موجب، تهران کي ايراني تيل جي خريداري ۽ وڪري مان لکين ڊالر جو فائدو ٿيو، ۽ ايران سان ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن تي وڌيڪ پابنديون لاڳو ٿي سگهن ٿيون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language