welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسرائيل کي خبر آهي ته ايران جو انتهائي افزوده يورينيم ڪٿي دفن ٿيل آهي: نيتن ياهوءَ جي دعويٰ

تل ابيب:(خميس 10 جولاءِ 2025ع)اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو دعويٰ ڪئي آهي ته هو ايران جي افزوده يورينيم جي جڳهه کي ڄاڻي ٿو. آمريڪي ٽي وي سان هڪ انٽرويو ۾، نيتن ياهو پنهنجي يقين جو اظهار ڪيو ته هو نه ٿو سمجهي ته ايران هاڻي پنهنجي ايٽمي پروگرام سان اڳتي وڌندو. هن دعويٰ ڪئي ته اسرائيل ڄاڻي ٿو ته ايران پنهنجي انتهائي افزوده يورينيم کي زمين هيٺ ڪٿي دفن ڪيو آهي، ۽ ايران هاڻي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن کان پوءِ ڊڄي ويو آهي. اسرائيلي وزيراعظم چيو ته ايرانين جو خيال آهي ته جيڪو آمريڪا ۽ اسرائيل هڪ ڀيرو ڪيو هو، اهي ٻه يا ٽي ڀيرا ڪري سگهن ٿا، ۽ ايراني هاڻي ڊڄي ويا آهن. ان کان علاوه، اسرائيلي وزيراعظم غزه ۾ جلد ئي 60 ڏينهن جي جنگ بندي معاهدي جي امڪان جو به اظهار ڪيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے