واشنگٽن:(خميس 10 جولاءِ 2025ع)آمريڪا روس جي خلاف يوڪرين کي آرٽلري شيل ۽ موبائل ميزائل لانچرن جي فراهمي ٻيهر شروع ڪري ڇڏي آهي.
آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي هئي ته يوڪرين کي اينٽي ايئرڪرافٽ ميزائل ۽ ٻين هٿيارن جي فراهمي هن مهيني جي شروعات ۾ بند ڪئي وئي هئي، پر هاڻي رپورٽ ٿي رهي آهي ته آمريڪا روس جي خلاف يوڪرين کي آرٽلري شيل ۽ موبائل ميزائل لانچرن جي فراهمي ٻيهر شروع ڪري ڇڏي آهي.
ان حوالي سان، صدر ٽرمپ چيو ته کيس خبر ناهي ته يوڪرين کي فوجي امداد روڪڻ جو فيصلو ڪنهن ڪيو.
ٻئي طرف، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته غزه ۾ جنگ بندي تمام ويجهو آهي، هن چيو ته هن هفتي يا ايندڙ هفتي جنگ بندي جو امڪان آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language