welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

خيرات ۾ مليل اڪثريت سان مغرور ٿي ويا آهيو، اسٽينڊنگ ڪميٽي اجلاس ۾ نبيل گبول ۽ طلال چوڌري ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

اسلام آباد:(اربع 09 جولاءِ 2025ع)قومي اسيمبلي جي گهرو داخله جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ (ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي ميمبرن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران شازيه مري سي ڊي اي ترميمي بل پيش ڪرڻ ۾ مبينه رڪاوٽ تي ڪاوڙجي پئي ۽ چيئرمين سي ڊي اي جي خلاف تحريڪ استحقاق آڻڻ جو اعلان ڪيو. جنهن تي گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيئرمين سي اي ڊي جو دفاع ڪندي چيو ته شازيه مري تحريڪ استحقاق آڻي اسان انهي کي منهن ڏينداسين. شازيه مري جواب ۾ چيو ته طلال چوڌري ڌمڪي ڏئي رهيو آهي جنهن تي مملڪتي وزير چيو ته ڌمڪي شازيه مري ڏئي رهي آهي. جنهن کان پوءِ پ پ اڳواڻ نبيل گبول مملڪتي وزير جي رويي تي احتجاج جي طور تي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ويو. نبيل گبول چيو ته حڪومت کي خيرات ۾ جيڪا اڪثريت ملي آهي انهي سان طلال چوڌري مغرور ٿي ويو آهي، پيپلز پارٽي اڳ به انهن جي حڪومت کي ڪيرائي ڏيکاريو هو، هن وقت به ساڳيو ڪم ڪري سگهون ٿا. واڪ آئوٽ ڪرڻ تي چيئرمين ڪميٽي نبيل گبول کي روڪيندو رهيو پر انهي جي باوجود هو اجلاس مان اٿي هليو ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے