حیدرآباد:(اربع 09 جولاءِ 2025ع)ڪاري موري ويجھو پنڃياري واھ ۾ گرمي سبب وھنجڻ لاء واھ ۾ لهڻ سبب اوچتو اونهي پاڻهي ۾ وڃڻ ڪري ٽئي ٻارڙا ٻڏي ويا.
علائقي واسين واھ ۾ لھي ٻن ٻارڙن کي بچائي ورتو، جڏهن ته هڪ ٻارڙي ٻڏي ويو جنهن جي ڳولها جاري آهي.
ٻڏي ويل ٻار جي سڃاڻپ 16 ورهين جو سعيد حسين طور ٿي آھي.
ٻئي پاسي نيو سبزي منڊي ڀرسان ھڪ ڄڻو ٻڏي ويو.
اطلاع تي ريسڪيو 1122 جي ٽيم واقعي واري هنڌ پھچي ٻڏي ويل جي ڳولها جاري آهي. ريسڪيو موجب سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آھي، ريسڪيو ٽيم ٽوٻن ۽ ٻيڙي جي مدد سان وڏي پاڻي ۾ ٻڏي ويل جي ڳولها ڪري رهيا آهن.
ٻڏي ويل جو تعلق ڪراچي سان ٻڌايو پيو وڃي، جيڪو گاڏي ۾ سامان کڻي حيدرآباد جي سبزي منڊي آيو ھو ، گرمي جي ڪري واھ م وھجڻ لاء لٿو ته ٻڏي ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language