ڪراچي:(اڱارو 08 جولاءِ 2025ع)سنڌ جي ناڻي کاتي وفاق کي تعميراتي منصوبي لاءِ قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
صوبائي ناڻي کاتي موجب، موٽر وي ايم-6 مٽياري ۽ نوشهرو فيروز جي تعمير لاءِ وفاق کي 4.51 ارب رپين جو قرض منظور ڪيو ويو آهي.
ناڻي کاتي موجب، نوشهرو فيروز لاءِ وفاق کي 3.49 ارب رپيا منظور ڪيا ويا آهن.
ان کان علاوه، مٽياري لاءِ 1.11 ارب رپين جو قرض منظور ڪيو ويو آهي.
وفاق کي فنڊ جاري ڪرڻ جي آخري منظوري اڄ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڏني ويندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language