welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مظفر ڳڙهه ۾ 30 ڌاڙيلن جو حملو، 180 مينھون ڪاھي ويا

مظفر ڳڙھه:(اڱارو 08 جولاءِ 2025ع)مظفر ڳڙهه ۾ ڦر جو هڪ منفرد واقعو پيش آيو جنهن ۾ ڌاڙيل هڪ يا ٻه نه پر سموري مينھن جي کيرِ ئي ڪاھي ويا. ميڊيا موجب، ڦرلٽ مظفر ڳڙهه جي علي پور تحصيل جي ڳوٺ لنگر واهه ۾ ٿي. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته 30 هٿياربند ڌاڙيل علائقي تي حملو ڪيو ۽ هڪ يا ٻه نه پر 180 مينھن جو ڌڻ ڪاھي فرار ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل بوسڻ ۽ ٻين ڏوهاري ٽولن سان تعلق رکن ٿا، ۽ انهن جي ڳولا لاءِ مظفر ڳڙهه ۽ راجن پور جي ڪچي علائقي ۾ ناڪا بندي ڪئي وئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے