welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ طوفاني برسات ۽ ٻوڏ، فوتين جو انگ 104 ٿي ويو

ٽيڪساس:(اڱارو 08 جولاءِ 2025ع)آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب مختلف حادثن ۾ فوتين جو انگ 104 تائين پهچي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب، طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٽيڪساس ۾ زندگي جو نظام سخت متاثر ٿيو آهي. ڪير ڪائونٽي علائقو برساتن ۽ ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، جتي 84 لاش ڪڍيا ويا آهن. سمر ڪيمپ انتظاميا 27 گم ٿيل ڇوڪرين ۽ ڪئمپ جي صلاحڪارن جي موت جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته 10 کان وڌيڪ ڇوڪريون ۽ هڪ عملي جو ميمبر اڃا تائين گم آهي. درجنوں گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ هيليڪاپٽر، ٻيڙيون ۽ ڊرون استعمال ڪيا پيا وڃن. ان کان علاوه، گواڊيلوپ نديءَ جي ڪناري تي سرچ آپريشن جاري آهي، جنهن ۾ بچاءُ ڪندڙ ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته درياهه جو پاڻي ڪجهه ڪلاڪن ۾ ڪيترائي فوٽ مٿي ٿي ويو هو، جيڪو موسم جي دٻاءُ ۽ مسلسل برساتن جي ڪري آهي. ٻئي طرف، رياست ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي باقي علائقن لاءِ به خطري جي گھنٽي وڄائي ڇڏي آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي رياست جي گورنر متاثر علائقن ۾ هنگامي حالت جو اعلان ڪيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے