welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پشاور: گهر ۾ باهه لڳڻ سبب 4 ڄڻا فوت، 2 فائر فائٽر جي حالت به نازڪ

پشاور:(اڱارو 08 جولاءِ 2025ع)ڪوچي بازار ۾ هڪ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب چار ماڻهو فوت ٿي ويا. ريسڪيو عملدارن موجب، پشاور جي ڪوچي بازار علائقي ۾ هڪ گهر ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جلدي سڄي گهر کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو. ريسڪيو عملدارن چيو ته باهه لڳڻ جي واقعي ۾ گهر ۾ ٻه عورتون ۽ ٻه مرد سخت زخمي ٿي پيا ۽ انهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر اهي بچي نه سگهيا. ريسڪيو عملدارن موجب، باهه وسائڻ جي عمل ۾ ڇهه فائر ٽينڊر ۽ 40 اهلڪارن حصو ورتو، جڏهن ته ان دوران ٻن فائر فائٽرن جي حالت به خراب ٿي وئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے