welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪي-اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي جي ٻيهر مقرري جي منظوري

ڪراچي:(اڱارو 08 جولاءِ 2025ع)ڪي-اليڪٽرڪ جي بورڊ آف گورنرز مونس علوي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) طور ٻيهر مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪي-اليڪٽرڪ جي بيان موجب، چيف ايگزيڪيوٽو جي مقرري جو فيصلو 7 جولاءِ تي ڪي-اليڪٽرڪ بورڊ جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته مونس علوي جي چيف ايگزيڪيوٽو طور ٻيهر مقرري 30 جولاءِ 2025 کان لاڳو ٿيندي. بيان موجب، مونس علوي کي پهريون ڀيرو 2018 ۾ چيف ايگزيڪيوٽو جي عهدي تي ترقي ڏني وئي ۽ 2008 ۾ ڪي-اليڪٽرڪ ۾ شامل ٿيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے