ڪولالمپور:(اڱارو 08 جولاءِ 2025ع)ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم آمريڪا ۽ مغربي ملڪن تي ٻٽي معيار اختيار ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي.
نيوز ايجنسي موجب، ملائيشيا جي وزيراعظم غزه ۽ ايران جي مسئلي تي آمريڪا ۽ مغربي روين کي منافقت قرار ڏنو.
هن چيو ته مغربي ملڪ مطالبو ڪن ٿا ته ايران پنهنجو ايٽمي پروگرام ڇڏي ڏئي، پر آمريڪا ۽ مغربي ملڪ اسرائيل جي مسئلي تي خاموش رهن ٿا.
وزيراعظم چيو ته ايران لاءِ نه پر اسرائيل لاءِ ها؟ هي ٻٽي معيار ڇو؟ آمريڪا ۽ مغرب کي اسرائيل ۽ ايران ٻنهي لاءِ ساڳيو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language