welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

کنڊ جي وڌندڙ قيمت تي ڪنٽرول لاءِ حڪومت 5 لک ٽن کنڊ ٻاهران گهرائڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد:(اڱارو 08 جولاءِ 2025ع)وفاقي ڪابينه 5 لک ٽن کنڊ ٻاهران گهرائڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي. غذائي تحفظ واري وزارت موجب کنڊ کي درآمد حڪومتي شعبي جي ذريعي ڪئي ويندي. کنڊ جي درآمد لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ فوري عملدرآمد شروع ڪئي پئي وڃي. غذائي تحفظ واري وزارت جو چوڻ آهي ته کنڊ جي قيمتن ۾ توازن برقرار رکڻ جي لاءِ اهو قدم کنيو ويو. کنڊ گهرائڻ جو طريقو ماضي کان مختلف بهتر حڪمت عملي جي نمائندگي ڪري ٿو. ماضي ۾ اڪثر کنڊ جي مصنوعي کوٽ پيدا ڪري سبسڊي تي ڀاڙيو ويندو هو. غذائي تحفظ واري وزارت موجب کنڊ گهرائڻ جو فيصلو انهي وقت ڪيو ويو هو جڏهن کنڊ وڏي مقدار ۾ موجود هئي، هاڻ کنڊ جي قيمتن ۾ استحڪام جي لاءِ کنڊ ٻاهران گهرائي پئي وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے