welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آڪسفورڊ يونيورسٽي مان ڊگري وٺڻ جي باوجود نوڪري کان محروم شخص فوڊ ڊليوري ڪرڻ تي مجبور

سنگاپور:(اڱارو 08 جولاءِ 2025ع)دنيا جي مشهور يونيورسٽي آڪسفورڊ مان تعليم حاصل ڪندڙ چيني شهري ڊگري وٺڻ جي باوجود نوڪري کان محروم آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب سينگاپور سان تعلق رکندڙ هڪ چيني شهري ڊنگ يوائزائو دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ شمار ٿيندڙ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪئي جنهن کان پوءِ به سٺي نوڪري جو خواب ڏٺو جيڪو پورو نه ٿي سگهيو. ميڊيا طرفان ڏنل رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چيني شهري آڪسفورڊ مان ڊگري حاصل ڪرڻ جي باوجود نوڪري کان محروم آهي، ڊنگ وٽ اعليٰ عالمي يونيورسٽين جون ڪيتريون ئي ڊگريون آهن، هن آڪسفورڊ يونيورسٽي مان بائيو ڊائيورسٽي ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي، پيڪنگ يونيورسٽي مان انرجي انجنيئرنگ ۾ ماسٽرز ۽ سينگاپور جي نائيانگ ٽيڪنالوجيڪل يونيورسٽي مان بائيو لوجي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. ميڊيا رپورٽن موجب ڊنگ نيشنل يونيورسٽي آف سنگاپور ۾ پوسٽ ڊاڪٽريٽ ريسرچ پروجيڪٽ تي ڪم ڪيو پر انهي جو معاهدو مارچ ۾ ختم ٿي ويو جنهن کان پوءِ هن ڪيترين ئي جڳهين تي نوڪري لاءِ درخواست ڏني ۽ انٽرويوز به ڏنا پر ناڪامي تي کاڌي جي ورهاست جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. چيني شهري ڏينهن ۾ 10 ڪلاڪ ڪم ڪندو آهي ۽ هڪ هفتي ۾ 700 سينگاپورين ڊالرز ڪمائيندو آهي. انهي حوالي سان انٽرويو ڏيندي ڊنگ چيو ته هي هڪ مستحڪم نوڪري آهي، مان انهي آمدني مان پنهنجي خاندان جي ڪفالفت ڪري سگهان ٿو، جيڪڏهن اوهان محنت ڪندو ته اوهان سٺي ڪمائي ڪري سگهو ٿا، اها ڪا خراب نوڪري نه آهي، کاڌي جي ورهاست ڪرڻ جو هڪ ٻيو فائدو اهو به آهي ته مان جسماني طور تي تندرست رهندو آهيان.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے