
راولپنڊي:(اڱارو 08 جولاءِ 2025ع)پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته مان احتجاج جي اڳواڻي ڪندس، مان جيل ۾ آزاد آهيان پر ٻاهر جيڪي ماڻهو آهن اهي قيد ۾ آهن، اوهان ماڻهن کي پنهنجي لاءِ نڪرڻو آهي، رول آف لا ۽ جمهوريت جي لاءِ نڪرڻو آهي ۽ 26هين ترميم جي خلاف ٻاهر نڪرڻو آهي. اهي ڳالهيون عليمه خان عمران خان سان ملاقات کان پوءِ اڊياله جيل ٻاهران پنهنجي ڀينرن نورين ۽ عظميٰ سان گڏ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيون.
عليمه خان چيو ته منهنجي ڀيڻن جي عمران خان سان الحمدالله ملاقات ٿي وئي، پي ٽي آءِ باني خيريت سان آهي، باني سان اهو ڪجهه ٿي رهيو آهي جيڪو ڪنهن قيدي سان نٿو ٿئي، اها ظلم جي انتها آهي، باني جو ٽي وي، اخبار هڪ هفتي کان بند ڪيو ويو آهي، باني وٽ پڙهڻ لکڻ جي لاءِ ڪجهه به ناهي، باني سان ملي خوشي ٿي اهو مڪمل طور تي صحتياب آهي، هن چيو ته باني جيل مان بهترين ڪتاب لکي سگهي ٿو پر انهي وٽ ڪجهه لکڻ جي لاءِ قلم ڪاغذ ته هجي.
عليمه خان چيو ته عمران خان جيل مان احتجاج جي اڳواڻي ڪندو، عمران خان چيو آهي ته هو جيل ۾ آزاد آهي ۽ اسان ماڻهو جيڪي ٻاهر آهيون اهي قيد آهن، اوهان ماڻهن کي پنهنجي پاڻ جي لاءِ ٻاهر نڪرڻو پوندو. رول آف لا ۽ جمهوريت جي لاءِ نڪرڻو آهي ۽ 26هين ترميم جي خلاف نڪرڻو آهي.
عليمه خان چيو ته 10 محرم گذري ويو هاڻ پارٽي لائحه عمل ڏيندي، باني ته لائحه عمل ڏئي ڇڏيو، باني پلان ٺاهيو آهي جڏهن گذريل هفتي اسان جي فيملي ملاقات ڪئي هئي ته اسان پلان ڏئي ڇڏيو هو، پارٽي وارا ميڊيا جي چوڻ تي ته پلان نٿا ٺاهي سگهن، خبر ناهي ته پشاور کان هلنداسين ۽ لاهور تائين وينداسين اهو ته پلان پارٽي ٻڌائيندي، اسان جي فيملي کي احتجاج جي پلان جي خبر آهي ميڊيا کي انهي وقت ٻڌائينداسين جڏهن وقت ايندو ڀروسو رکو سڀ ڪجهه بهتر ٿيندو.
عليمه خان چيو ته جڏهن تحريڪ جو اعلان ٿيندو آهي ته اهڙيون ڳالهيون ٿينديون آهن، مون ته اڳ به چيو هو ته نوازشريف کي ته گهر وارا به نٿا پڇن ته باني سان ملي ڇا ڪندو. اهو صرف مريم نواز جو شوق پورو ڪرڻ جي لاءِ اسان کي روڪيو ويندو آهي، هنن 26 ميمبرن کي معطل ڪري ڇڏيو انهي لاءِ ته مريم نواز کي خوش ڪري سگهن، مريم نواز جي هر خواهش پوري ڪئي ويندي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language