welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مخالفن لاءِ جهنم بڻائيندڙ ٽرمپ نوبل انعام جو حقدار ناهي: تقي عثماني

ڪراچي:(سومر 23 جون 2025ع)ملڪ جي برک مذهبي عالم مفتي تقي عثماني ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي آمريڪي حملي جي مذمت ڪئي آهي.ان حوالي سان مفتي تقي عثماني چيو آهي ته ٻين ملڪن کي دوزخ (جهنم) بڻائڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ شخص (آمريڪي صدر ٽرمپ) امن جو انعام (نوبل پرائيز ) جو حقدار ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ مفتي تقي عثماني سوشل ميڊيا ويب سائيٽ تي لکيو آهي ته آمريڪا جي ايران تي ٿيل حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ٻين مُلڪن کي دوزخ بڻائڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ نوبل انعام جو خواهشمند شخص امن جي انعام جو حقدار ٿي نٿو سگھي. هن چيو ته ايران جي ايٽمي سهوليتن تي آمريڪي ڪارروايون مذمت جوڳو عمل آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے