
خانپور:(سومر 23 جون 2025ع)خانپورمهر ۾ 12 ورهين جي نينگري کي 3 لکن ۾ وڪرو ڪري 60 سالن جي شخص سان پرڻائڻ جو انڪشاف، پوليس نينگري، امڙ ۽ سندس ڏاڏي کي هٿ ڪري وڏي عمر جي گهوٽ، نينگري جي والد سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، نڪاح پڙهندڙ مولوي ۽ شاهدن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا، خبر موجب خانپورمهر جي اوڏ پاڙي ۾ 12 ورهين جي نينگري فيروزهه ڌيءُ علي نواز مڱڻهار کي مبينا طور 3 لک رپين عيوض وڪرو ڪري رحيم يار خان واسي 60 ورهين جي شخص محمد صادق مڱڻهار سان شادي ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اطلاع تي پوليس جروار ڀرسان قائم گلو موڙ چوڪي وٽ ناڪا بندي ڪئي، نينگري جي رخصتي بعد گهوٽ ڄڃ سميت وين وسيلي وڃي رهيو هو ته پوليس کين روڪي نينگري فيروزهه مڱڻهار، سندس امڙ شهناز ۽ ڏاڏي ماروي مڱڻهار کي هٿ ڪري وڏي عمر جي گهوٽ محمد صادق مڱڻهار، نينگري جي والد علي نواز مڱڻهار، گهوٽ جي ڀاءُ لال بخش ۽ ماروٽ محمد صدام کي گرفتار ڪري جروار ٿاڻي تي کڻي آئي، جتان بعد ۾ خانپورمهر ٿاڻي تي آندو ويو، ان حوالي سان پرڻايل نينگري فيروزهه مڱڻهار ميڊيا کي ٻڌايو ته مون کي ڪا به ڄاڻ نه آهي، منهنجي گهروارن منهنجي شادي ڪرائي آهي، مان هاڻ واپس پنهنجي گهر وڃڻ چاهيان ٿي، نينگري جي امڙ ٻڌايو ته مون کي ٽي بي جي بيماري آهي، ڌيءُ کي 3 لک رپين ۾ وڪرو ڪيو آهي، نينگري جي والد ٻڌايو ته منهنجي ڌيءُ کي 3 لکن ۾ وڪرو ڪيو آهي، جنهن مان ڏيڍ لک ۾ پٽ جو سڱ ورتو آهي ۽ ڏيڍ لک جو نياڻي کي ڏاج ڏنو آهي، هوڏانهن شادي رچائيندڙ وڏي عمر جي شخص صادق مڱڻهار جو چوڻ هو ته مونکي اولاد ناهي، ان ڪري ٻي شادي ڪئي آهي، غلطي ٿي آهي، مون کي معاف ڪيو وڃي، خانپورمهر پوليس موجب هٿ ڪيل نينگري کي اڄ گهوٽڪي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ معاملي جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويندو، نڪاح نامو هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ نڪاح پڙهندڙ مولوي ۽ شاهدن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن..
0 تبصرے
Do not use vulgar language