ٺل:(سومر 23 جون 2025ع)ٺل واسي اڳوڻي يوسي ناظم جا ٻه پٽ ۽ ڀائيٽو ڪوئيٽا ويندي مبينا طور اغوا،ٺل جي ڳوٺ سڪندر آباد واسي اڳوڻو يوسي ناظم عاطف خان کوسو جي پٽن حيدر علي کوسو،محمد يوشا کوسو ۽ سندس ڀائيٽو ضلعي ڪائونسل جي ميمبر شهاب کوسو جو پٽ سلمان خان کوسو ڪوئيٽا ويندي بلوچستان جي علائقي بختيار آباد وٽان مبينا طور تي ڪار سميت اغوا ٿي ويا آهن، ٽنهي ڄڻن جي موبائيل فونون بند ملڻ بعد سندس وارث پريشان ٿي ويا، ان حوالي سان ضلعي ڪائونسل جي ميمبر شهاب خان کوسو موجب شڪ آهي ته ٽنهي ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو آهي، ٽنهي ڄڻن جي موبائيلن جي لوڪيشن نوتال واري علائقي تائين ٻڌائي پئي وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language