مري:(سومر 23 جون 2025ع)جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت کان ٽرمپ لاءِ نوبل امن انعام جي سفارش واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسان آمريڪا سان دوستي چاهيون ٿا پر غلامي نٿا چاهيون، پارٽي اجلاس کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ٽرمپ جا هٿ فلسطينين، عراقين، افغانين جي رت ۾ رڱيل آهن، ايران تي حملو ڪري ٽرمپ قومي ۽ بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، حڪومت نوبل امن انعام جي سفارش واپس وٺي، هن چيو ته اسان ايران جي تائيد نه ڪيون ته ڇا اسرائيل جي حمايت ڪريون، اسان ايران جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، ملڪ ۾ فرقيواريت عالمن ۽ مدرسن جي نه اسٽيبلشمينٽ جي ضرورت آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language